Masuk
Masuk
Masuk
Pilih Bahasa

Al-Furqan 25:64 والذين يبيتون لربهم سجدا وقياما ٦٤

Halaman 329 · Juz 19

وَالَّذِیْنَ
یَبِیْتُوْنَ
لِرَبِّهِمْ
سُجَّدًا
وَّقِیَامًا
۟
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن.
Lanjutkan Membaca

Bacalah Tafsir

Ibn Kathir (Abridged)

Attributes of the Servants of the Most Gracious

These are the attributes of the believing servants of Allah,

الَّذِينَ يَمْشُونَ عَلَى الاٌّرْضِ هَوْناً

(those who walk on the earth Hawna,) meaning that they walk with dignity and humility, not with arrogance and pride. This is like the Ayah:

وَلاَ تَمْش

…

Attributes of the Servants of the Most Gracious

These are the attributes of the believing servants of Allah,

الَّذِينَ يَمْشُونَ عَلَى الاٌّرْضِ هَوْناً

…
Melihat Tafsir

Baca dalam Konteks

61. اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن آسمان ۾ برج بڻايائين ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو. 62. ۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پوئتان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھو) لاءِ بڻايو جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو گھري. 63. ۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوَڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته سلامت ھجو (شال). 64. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن. 65. ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي. 66. بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي. 67. ۽ اُھي جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن. 68. ۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نه پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جيءَ کي ماريندا آھن جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اُھو ڪم ڪندو سو سخت عذاب لھندو. 69. قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو. 70. پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. 71. ۽ جيڪو توبه ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ الله ڏانھن وري موٽي ٿو. 72. ۽ اُھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نه ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن چڱي ريت) ڀلارن وانگر لنگھندا آھن. 73. ۽ اُھي جو جڏھن کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (ته) اُن (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آھن. 74. ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسانجا پالڻھار اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر. 75. اِھي (اُھي) آھن جن کي سندن صبر سببان وڏيون ماڙيون عوض ۾ ڏبيون ۽ اُن ۾ چڱي دُعا ۽ سلام پھچائبن. 76. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ چڱو ۽ رھڻ جو ھنڌ چڱو آھي. 77. (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله کي) اوھان جو سڏڻ نه ھجي ته منھنجي پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھ نه آھي، بيشڪ اوھان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري سگھو اوھان لاءِ عذاب لازم ٿيندو.

- Taj Mehmood Amroti

Lanjutkan Membaca

Catatan dan Refleksi

Anda tidak memiliki catatan atau refleksi apa pun mengenai ayat ini.

Notes placeholders

Tetap Terhubung dengan Al-Quran ❤️

Pengingat singkat dan bermakna untuk menyegarkan diri, merenung, dan tetap terhubung dengan Al-Quran.

Baca, Dengarkan, Cari, dan Renungkan Al Quran

Quran.com adalah platform tepercaya yang digunakan jutaan orang di seluruh dunia untuk membaca, mencari, mendengarkan, dan merefleksikan Al-Qur'an dalam berbagai bahasa. Platform ini menyediakan terjemahan, tafsir, tilawah, terjemahan kata demi kata, dan berbagai alat untuk pembelajaran yang lebih mendalam, sehingga Al-Qur'an dapat diakses oleh semua orang.

Sebagai sebuah Sadaqah Jariyah, Quran.com berdedikasi untuk membantu orang-orang terhubung secara mendalam dengan Al-Qur'an. Didukung oleh Quran.Foundation , sebuah organisasi nirlaba 501(c)(3), Quran.com terus berkembang sebagai referensi yang sangat bernilai dan gratis untuk semua orang, Alhamdulillah.

Navigasi
Halaman Utama
Radio Qur'an
Qari
Tentang Kami
Pengembang
Pengkinian Produk
Beri Masukan
Bantuan
Menyumbang
Proyek Kami
Quran.com
Quran For Android
Quran iOS
QuranReflect.com
Quran.AI
Sunnah.com
Nuqayah.com
Legacy.Quran.com
Corpus.Quran.com
Proyek nirlaba yang dimiliki, dikelola, atau disponsori oleh Quran.Foundation
Link populer
Doa-doa dari Al-Quran
Ayat Al-Quran Hari Ini
Ayat Kursi
Surah Yasin
Surah Al Mulk
Surah Ar-Rahman
Surah Al Waqi'ah
Surah Al Kahfi
Surah Al Muzzammil
Peta situsKerahasiaanSyarat dan Ketentuan
© 2026 Quran.com. Hak Cipta Terlindungi
Menyumbang